شيرين زئور

شيرين زئور

شيرين زئور

شيرين زئور، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان سماجيات ۾ ايم. اي ڪئي. هن زندگي جو ڪجهه عرصو صحافت کي پڻ ڏنو. حيدرآباد مان نڪرندڙ اخبار روزاني ‘سچ’ ۽ ‘عبرت’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو آهي. ان کان سواءِ هن پنڌرنهن روزا عبرت مئگزين ۾ پڻ ايڊيٽنگ جون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. هن ادب، صحافت، سياست، سماجي مسئلن ۽ زندگيءَ جي مختلف رخن بابت ڪيترائي ڪارائتا ۽ پر اثر مضمون لکيا آهن. سندس لکڻيون روزاني ‘ڪاوش’، ‘عبرت’، ‘سچ’، ‘عوامي آواز’، ‘عبرت مئگزين’ سميت ڪيترن ئي سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. سندس لکڻين تي ٻڌل هڪ ڪتاب ترتيب هيٺ آهي.
هي هن وقت عورت فائونڊيشن ۾ ريجنل ڪوآرڊينيٽر جي عهدي تي آهي، جتي هوءَ لڳاتار 13 سالن کان خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي. هي عورتن جي خلاف ٿيندڙ تشدد جي روڪٿام ۽ عورتن مٿان ٿيندڙ ڪيسن ۾ کين قانوني مدد مهيا ڪري ٿي. شيرين زئور، سنڌ کان ٻاهر به سنڌ جي عورتن جي نمائندگي ڪري چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو